عنايت بلوچ

عنايت بلوچ

بلوچ عنايت

بلوچ، عنايت:: نامياري اديب، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر عنايت بلوچ جو پورو نالو عنايت الله ولد غلام نبي ’اُداسي‘ کوسو بلوچ آهي. سندس والد پڻ پنهنجي دؤر جو اهم شاعر هو. سندس جنم 3 آڪٽوبر 1941ع تي ڳوٺ حاجي يار محمد کوسي لڳ احمد پور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. هُو ايم. اي (اسلامڪ هسٽري) هو. عنايت بلوچ شاعر هئڻ سان گڏ سٺو نثرنگار، نقاد ۽ لطيف جو پارکو پڻ هو. ڪسٽمس کاتي ڪراچيءَ ۾ اگزئمننگ آفيسر جي نوڪريءَ کي خيرباد چئي، 1970ع ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ داخل ٿيو، جتي هو مختلف هنڌن تي مختلف عهدن تي رهيو، جهڙوڪ: اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد، (جولاءِ 1970ع کان فيبروري 1974ع)، پروگرام مئنيجر ريڊيو اسٽيشن ڪوئيٽا ۽ ڪراچي (فيبروري 1974ع کان آگسٽ 1984ع)، اسٽيشن ڊائريڪٽر تربت، حيدرآباد ۽ اسلام آباد (ڊسمبر 1982ع کان سيپٽبر 1995ع)، ڪنٽرولر هوم (ڊسمبر 1995ع کان نومبر 1996ع) ۽ ڊائريڪٽر پروگرامس پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن اسلام آباد (نومبر 1996ع کان 2001ع) وغيره. عنايت بلوچ کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ ميڊل پڻ مليا آهن، 1987ع ۾ کيس وزيراعظم هٿان ”شهباز گولڊ ميڊل“ مليو ۽ پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان سندس شاعريءَ جي ڪتاب ’تند ڪٽارو ڪنڌ‘ ۽ سندس سفرنامي ’پرين جي پرديس‘ تي کيس انعام ڏنا ويا. هن جي لکيل ڪتابن ۾: (1). ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ (شاعري: 1981ع)، (2). ”پرين جي پرديس“ (سفرنامو: 1984ع)، (3). ”پرديسي ڪهڙا پرين“ (سفرنامو: 1987ع)، (4). ”سهسين ٿيا سارنگ“ (سفرنامو: 1995ع) شامل آهن. مٿي ڄاڻايل سندس ذاتي تصنيفن کان سواءِ عنايت بلوچ سنڌ جي مشهور ادبي شخصيتن جا ڪتاب پڻ ترتيب ڏنا آهن، جهڙوڪ: (1) ”پنهون پاڻ'>سڀ ۾ پنهون پاڻ“، (مير سڪندر خان کوسي جو ڪلام: 1974ع ۾ ڇپيل)، (2) ”ڪي پڙاڏا، ڪي سَڏ“ (جي. الانا جي سنڌي شاعري: 1981ع ۾ ڇپيل)، (3) ”پيارن جا پيغام“ (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خطن جي ترتيب 2008ع ۾ ڇپيل) وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو